شادي لارج/پنگريو/کوسڪي/نئون ڪوٽ (نمائندن وٽان) پاڻي نيڪال لاءِ ايل بي او ڊي سم نالي کي آر ڊي 211 ۽ هاڪڙي کي 261 وٽان ڪٽ ڏيڻ لاءِ نئون ڪوٽ ۽ شادي لارج باءِ پاس تيڌرڻا، ڇڪتاڻ، شٽربند هڙتال، خبر موجب کوسڪي، جھڏو، پنگريو ۽ ملڪاڻي جي ٻوڏ متاثر ھزارين ماڻهن پاڻي نيڪال لاءِ ايل بي او ڊي سم نالي کي211 آرڊي وٽان ڪٽ ھڻڻ لاءِ پھريان کوسڪي باءِ پاس تي 2 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو ۽ بعد ۾ مظاھرين پيادل مارچ ڪري شادي لارج باءِ پاس تي مين ٿرڪول روڊ بند ڪري ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، ان موقعي تي ڌرڻي کي خطاب ڪندي  قربان کوسو، نديم گجر، منظور چانڊيو، رمضان ڪلوئي ۽ ٻين چيو ته  اسين گذريل ھڪ مھيني کان برساتي پاڻي ۾ ٻڏل آھيون، اسان جا ٻچا بکون ڪاٽي رهيا آهن، روڊن جي ڪنارن تي بي يارو مددگار پيا آهيون، هنن چيو ته جيڪڏهن انتظاميا ايل بي او ڊي سم نالي جي 211 آرڊي کي ڪٽ ڏئي ته ڪيترن  علائقن جو پاڻي پراڻ ڍوري ۾ نيڪال ٿي سگهي ٿو، پراڻ ڍورو قدرتي پاڻي جي گذرگاهه آهي جنهن تي بااثر ماڻهن قبضو ڪري ورتو آهي، مظاهرين چيو ته ارباب لطف الله ۽ ان جا حامي ڍوري پراڻ ۾ ڪٽ جي مخالفت ڪري رهيا آهن، ان ڪري ڪيترائي شھر ۽ علائقا برساتي پاڻي ۾ ٻڏل آهن، هنن چيو ته مجبور ٿي هتي آيا آهيون، بنا ڪٽ ڏيارڻ جي واپس نه وينداسين، هوڏانهن  ڌرڻي کي ختم ڪرائڻ لاءِ آيل ڊي سي ۽ ايس پي بدين کي مظاهرين گهيري ورتو، جنهن سبب ڳالهيون نه ٿي سگهيون، احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙن 5 رڪني ڪاميٽي جوڙي، ڊي سي وٽ موقف رکيو ته فوري طور تي ايل بي او ڊي سم نالي کي آر ڊي 211  وٽان ڪٽ ڏياريو وڃي، جنهن تي ڊي سي ڪاميٽي جون ڳالهيون آبپاشي وزير ڄام خان شورو تائين پهچايون، جنهن چيو ته فريم ذريعي پاڻي ڪڍائڻ لاءِ تيار آهيون، ايين ڪٽ ڏينداسين ته ماڻهو متاثر ٿيندا، ڪاميٽي جي اڳواڻن اها ڳالھه مڃي ڌرڻي ۾ اچي اعلان ذريعي ٻڌائي جيڪا هزارين موجود ماڻهن رد ڪري ڇڏي، آخري اطلاعن تائين ڌرڻو جاري هو، هوڏانهن پنگريو ۾ واپارين ۽ شھرين جي سڏ تي شٽر بند ھڙتال پڻ ڪئي وئي، هوڏانهن هاڪڙي درياهه جا قدرتي لنگھه بحال نه ٿيڻ خلاف نئون ڪوٽ جا شھري شٽر بند هڙتال ڪري روڊن تي نڪري آيا، جن ريلي ڪڍي نئون ڪوٽ مٺي روڊ تي 3 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو، جنهن دوران سوين گاڏيون بيهجي ويون، ان موقعي تي آصف رضا قائمخاني، عظيم چانڊيو، ريحان رضا ۽ ٻين چيو ته جهڏو سميت نئون ڪوٽ جا ڪيترائي علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آھن، هاڪڙي درياءَ جي بندن تان پاڻي اور ٽاپ ٿي نئون ڪوٽ جي چئن ڪالونين کي ٻوڙي ڇڏيو آھي، هنن چيو ته نئون ڪوٽ شھر جو ڊرينيج سسٽم بند ٿي ويو آھي، ڪنهن به وقت بچيل علائقو ٻڏي سگهي ٿو، هنن چيو ته هاڪڙي درياءَ کي هٿرادو ڏنل بند نه کوليا ويا ته نئون ڪوٽ جو رهيل حصو به ٻڏي ويندو، هنن چيو ته پاڻي نئون ڪوٽ جي گرڊ اسٽيشن ۾ داخل ٿي رهيو آھي، جنهن سان بجلي بند ٿي ويندي، هنن چيو ته هاڪڙي درياءَ کي آر ڊي 261 وٽان ڏنل هٿرادو بند کي ڪٽ ڏئي رستو بحال ڪري ٻين علائقن کي ٻڏڻ کان بچايو وڃي،

ڪلوئي (ن پ ا) ڪلوئي ڀرسان نيوي چڪ تي زيرو پوائنٽ وٽان امڪاني ڪٽ خلاف مقامي رهواسين نيوي چڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ٿرڪول ڪراچي روڊ تي ڌرڻو هنيو، جنهن ڪري ٽريفڪ معطل ٿي وئي، ان موقعي تي لالا اياز پٺاڻ، سليم جوڻيجو، جاويد جت، پوڙهو جوڻيجو، ممتاز لنڊ، لياقت جتوئي ۽ ٻين چيو ته ڪجھه ماڻهو آر ڊي 211 وٽان کڏو ڏسي چون ٿا ته ڪٽ ڏنو وڃي، پر انهن کي ايتري خبر ناهي ته آر ڊي وٽان ڪٽ ڏنو ويو ته بدين ضلعي جي ٻن کان ٽن يوسيز سميت ڪلوئي تعلقو پاڻي هيٺ اچي ويندو ۽ چار سئو کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويندا، هنن چيو ته پاڻي جو اڳتي ڪٿان به لنگھه ناهي، هروڀرو ڪجھه ماڻهو ضد ڪن ٿا ته آر ڊي 211 وٽان ڪٽ ڏجي پر اڳتي پاڻي جو لنگهه ئي ناهي، پاڻي تيزي سان ايل بي او ڊي سم نالي ذريعي سمنڊ ۾ ڇوڙ ٿئي پيو، هنن چيو ته جيڪڏهن ايل بي او ڊي سم نالي کي ڪٽ ڏنو ويو ته اسان جي لاشن تان گذرڻو پوندو،