ايل بي او ڊي کي ڪٽ لڳائڻ تان عمرڪوٽ، ميرپر خاص ۽ بدين ضلعن جا رهواسي سراپا احتجاج

0
216

ڪراچي(نمائندن وٽان) ايل بي او ڊي جو پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ ڪٽ لڳائڻ تان عمرڪوٽ، ميرپر خاص ۽ بدين ضلعن جا رهواسي آمهون سامهون آهن، ٽنهي ضلعن ۾ ڪٽ جي حمايت ۽ مخالفت ۾ مظاهرا  ڪري رهيا آهن

شادي لارج ڀرسان ٿر ڪول روڊ تي ٻئي ڏينهن به ڪٽ جي حمايت ۾ ڌرڻو جاري آهي، پنگريو، ملڪاڻي شريف، سمن سرڪار، جهڏو، شادي لارج ۽ ڀرپاسي جي علائقن جا رهواسي ڌرڻي ۾ شامل آهن

 ذريعن جو چوڻ آهي ته بدين جي ڊي سي، ايس ايس پي ۽ سيڊا عملدارن طرفان ڪٽ جي معاملي تي جُڙيل 15 رُڪني ڪميٽي سان اڄ ٻيهر ڳالهين جا امڪان آهن