شادي لارج/ ڪلوئي (نمائندن وٽان) ايل بي او ڊي کي ڪٽ جي حمايت ۽ مخالفت ۾ 5 هين ڏينهن به ڌرڻا جاري رهيا، ان ڏس ۾  ڪلوئي ڀرسان نيوي چڪ تي زيرو پوائنٽ تان امڪاني ڪٽ جي مخالفت ۾ پنجين ڏينهن به ڌرڻو جاري رهيو، جڏهن ته سوين گاڏيون روڊ تي بيهجي ويون، روڊ کي مقامي ماڻهن پاران ڊرائيورن ۽ مسافرن جي اسرار تي کوليو ويو، ٻي طرف شادي لارج لڳ شادي لارج مين ٿرڪول روڊ تي ايل بي او ڊي کي آر ڊي 211 وٽان ڪٽ هڻڻ جي حمايت ۾ احتجاجي ڌرڻو جاري رکيو، ڌرڻي ۾ جهڏو، ملڪاڻي پنگريو، خليفو قاسم، نئون ڪوٽ جا ٻوڏ متاثر شامل هئا، ان ڏس ۾ ڪٽ جي حمايت ۾ نديم گجر، ممتاز کوسو، اياز کوسو، محمد ابراهيم لنڊ ۽ ٻين چيو ته آر ڊي 211 وٽان ڪٽ ڏئي 5 ضلعن جي ماڻهن کي ٻڏڻ کان بچايو وڃي، پاڻي جو اتان قدرتي لنگھه آهي،  صرف بااثرن جون زمينون بچائڻ جي چڪر ۾ آهن، جيستائين ڪٽ نه لڳايو ويندو، احتجاج جاري رهندو، ٻئي طرف امڪاني ڪٽ هڻڻ جي مخالفت ۾ احتجاجي ڌرڻو هڻندڙ  جي اڳواڻي ڪندڙ زاهد ڀرڳڙي، لياقت جتوئي، وڏيرو نواز خان، ممتاز لنڊ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته زيرو پوائنٽ وٽان اسان ڪنهن به صورت ۾ ڪٽ هڻڻ نه ڏينداسين، ڪجھه بااثر ڌريون ڏڦير ڪرائڻ چاهين ٿيون، جيڪڏهن ڪٽ لڳو ته هتي موجود هزارين ماڻهو بي گهر ٿي ويندا، مقامي رهواسين جو وڏو نقصان ٿيندو، زيرو پوائنٽ کان اڳتي پاڻي جو ڪٿان به لنگھه ناهي، جڏهن ته ڌرڻي جو سنڌ سرڪار جي ڪنهن به صوبائي وزير نوٽيس نه ورتو آهي، نه ئي ڌرڻي وارن سان ڳالهيون ڪيون ويون آهن، ڪٽ جي حامي مظاهرين ڌرڻي ۾ اعلان ڪيو ويو  ته صبح جو جهڏو،نئون ڪوٽ، ٽنڊو جان محمد  ۽ مير پورخاص ۾ شٽر بند هڙتال مظاهرا ڪيا ويندا.