ڪراچي(نمائندن وٽان) دادو ضلعي ۾ ٻوڏ جا خطرا گهٽجڻ لڳا، منڇر کي ڪٽ لڳڻ ۽ پاڻي سنڌو ۾ ڇوڙ ٿيڻ بعد 7 يوسين ۾ پاڻي ۾ لاٿ اچي وئي، ڀان سيد آباد شهر 7 ڏينهن بند رهڻ بعد کلي ويو، رونقون بحال ٿي ويون، ميهڙ جي رنگ بند کي ٽن جاين تان روڻيون پئجي ويون، خيرپور ناٿن شاهه مان پاڻي نيڪال نه  ٿي سگهيو شهرين جون ڏکائيون برقرار آهن. مليل اطلاعن موجب منڇر کي ڪٽ ڏيڻ بعد دادو ضلعي ۾ پاڻي ۾ لاٿ اچي رهي آهي ۽ خطرو ٽري ويو آهي. ڀان سيدآباد کي الرٽ بعد خالي ٿي ويل شهر جون رونقون ٻيهر بحال ٿيڻ شروع ٿي ويون، ستن ڏينهن کانپوءِ ڪالهه شهر ۾ ڪاروباري زندگي معمول تي اچڻ شروع ٿي وئي، دڪاندارن پنهنجا دڪان کولي ٻيهر سامان رکڻ شروع ڪيو، جڏهن ته ڪراچي، حيدرآباد سميت ٻين شهرن ڏانهن ويل شهرين پڻ واپسي شروع ڪري ڇڏي آهي. ٻئي طرف شهر کي محفوظ بڻائڻ لاءِ رنگ بند ڏيڻ بعد رنگ بند تي شهرين توڙي نوجوانن پاران پهرو جاري آهي. شهرين رجب ٻگهيو، ذوالفقار مينگل، آدم مينگل، سيد علي رضا شاهه، فياض جمالي، حاڪم بڪيرو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته اسان رنگ بند تي ڏينهن رات پهرو ڏئي رهيا آهيون واپاري پنهنجا دڪان کولين ته جيئن شهرين کي سامان ملي سگهي. جڏهن ته سيوھڻ جي متاثر يوسين جي منڇر جو پاڻي ايل ايس بچاءُ بند کي ڏنل چئن  ڪٽن، اڙل ھيڊ، اڙل ٽيل، دانستر واھ ذريعي سنڌو درياءَ ۾ ڇوڙ ڪرڻ کانپوءِ سيوھڻ جي 7 يوسين واھڙ، جعفرآباد، بوبڪ، چنا، آراضي، جھانگارا ۽ باجارا جي ڳوٺن مان ڏيڍ فوٽ پاڻي جي لاٿ اچي وئي آهي. ڳوٺ ڪرمپور واسي ڌڻي در دعائون گهري رهيا آهن سندن چوڻ آهي ته اسان وڏي مشڪل سان رنگ بند کي بچايو آهي جلدي ٻوڏ جو پاڻي نڪري وڃي ته جيئن اسان جا گھرڙا بچي سگھن. ٻئي طرف ميھڙ شھر جي آخري ڊفينس لائين رنگ بند کي تيز ھوائن جي ڪري ٽن ھنڌن کان روڻ پئجي وئي جنھن کي دوران چوڪسي تي موجود نوجوان رضاڪارن بند ڪري شھر کي ٻڏڻ کان بچائي ورتو بند تي 6 فوٽ تائين پاڻي جو دٻاء برقرار آھي. هوڏانهن خيرپورناٿن شاھ شهر ٻه هفتا گذرڻ باوجود ٻوڏ جي پاڻي ۾ ٻڏل آهي، شهر مان پاڻي نڪري نه سگهيو آهي هر هنڌ 12 کان 15 فوٽ پاڻي بيٺل آهي رات دير سان تيز هوا سبب پاڻي اندر بيٺل گهر ڊهي پٽ ٿي ويا. شهر توڙي ڳوٺن ۾ سوين خاندان ڦاٿل آهن جيڪي ٻن هفتن کان بک ڪاٽڻ تي مجبور آهن، کاڌ خوراڪ سامان ۽ پيئڻ جو پاڻي به کٽي ويو، ڦاٿل ماڻهو ٻوڏ جو گندو پاڻي پي رهيا آهن.

نئون ڪوٽ/پنگريو (رپورٽ: حفيظ سنڌي+ علي مراد شاهه) حڪومت جو ايل بي او ڊي کي زيروپوائنٽ روشن آباد وٽان ڪٽ ڏيڻ جون تياريون شروع ڪيون آهن، الرٽ جاري ڪري شهرين کي علائقو خالي ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، 2 پ پ ايم پي ايز وچ ۾ ايل بي او ڊي اسپائنل ڊرين کي ڪٽ ڏيڻ واري مامري تان ٿيل تڪرار نه نبريا، نئون ڪوٽ، جهڏو  سميت ڪلوئي جا بچيل علائقا ٻڏڻ جو خدشو وڌي ويو، پراڻ جي گهارن جو پاڻي پنگريو شهر طرف وڌڻ لڳو، هاڪڙي درياءَ جي پاڻيءَ نئون ڪوٽ کي ٽن حصن کان وڪوڙي 4 ڪالونين کي ٻوڙي ڇڏيو، سنتورو بازار، ميروقار ڪالوني خالي ڪرڻ لاءِ ٿرپارڪر انتظاميه پاران الرٽ جاري ڪرڻ بعد ماڻھو خوف وٽان گهر خالي ڪري محفوظ ھنڌن ڏانهن روانا ٿي ويا، انتظاميه ڪوبه سهڪار نه ڪيو، جڏھن ته هاڪڙي درياءَ  جي پاڻي نئون ڪوٽ جهڏو سميت ڪلوئي جا 30 کان وڌيڪ ڳوٺ ٻوڙي برباد ڪري ڇڏيا، ٻئي پاسي ايل بي او ڊي کي زيرو پوائينٽ وٽان ڪٽ ڪيئن لڳائجي صوبائي وزير سردار شاھ  ۽ آبپاشي وزير ڄام خان شورو ايريگيشن جي سموري عملي کي بدين طلب ڪري ورتو، صوبائي وزير سردار شاھ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان ڪٽ واري هنڌ کي ڏسڻ لاءِ اتي وڃي رهيا آھيون، ايريگيشن جي سموري عملي کي ميٽنگ لاءِ  بدين گهرايو آھي، ميٽنگ ۾ ايريگيشن عملي جون ڳالهيون ٻڌڻ بعد امڪاني ڪٽ واري هنڌ جو جائزو وٺڻ بعد فيصلو ڪنداسين. اسان ڪنهن جي چوڻ تي نه پر پنهنجن ماڻھن جي ڪري وڃي رهيا آھيون. هن چيو ته گذريل رات ڪٽ جو فيصلو ارباب لطف الله جي وجھه سان نه اتي جي مقامي ماڻھن جي مزاحمت جي ڪري  ملتوي ڪيو. اسان ايريگيشن جو اوپينئن ٻڌڻ بعد فيصلو ڪنداسين ته ڪٽ ڏيڻ لا ڪھڙو الٽرنيٽ جوڙيو وڃي. ايل بي او ڊي جا بند زيرو پوائينٽ وٽان ڪمزور ٿي ويا آھن ڪنهن به وقت گهارو پئجي سگهي ٿو ، ماڻهو ڪٽ نه لڳڻ واري ڀل ۾ ويٺا رهيا ۽ اچانڪ گهارو پيو ته وڏو انساني الميو جنم وٺي سگهي ٿو. هوڏانهن ايل بي او ڊي اسپائنل ڊرين کي زيرو پوائنٽ روشن آباد وٽان ڪلوئي طرف ڏيندڙ امڪاني ڪٽ جو ٻڌي ٻئي ڏينهن به سون جي تعداد ۾ علائقي واسي زيرو پوائينٽ تي پهچي ويا.  هوڏانهن بدين ضلعي ۾ پراڻ ڍوري کي ايم ايم ڊي جي 4آر ڊي وٽان16ڏينھن اڳ لڳل گھاري جو پاڻي  پنگريو کان صرف اڌ ڪلو ميٽر جي فاصلي تي پھچي ويو 3 آر سم نالي جو پاڻي پنگريو شھر جي ھاءِ اسڪول ۽ غريب آباد واري پاسي کان  ۽ 4 آر سيم نالي جو پاڻي گرڊ اسٽيشن واري پاسي کان ۽ برانچ ڊرين جو پاڻي وارڊ نمبر 2 ويڙھن جي ڳوٺ وٽان  شھر طرف پاڻي وڌي رھيو آھي اھڙي صورتحال سبب شھرين ۾ خوف پيدا ٿي ويو آھي ۽ وارڊ نمبر 3 مان پاڻي بند ڪرڻ تان  لغاري ۽ سمان برادري ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي پئي ھڪٻئي تي لتن مڪن جو وسڪارو لائي ڏنو آھي