خيرپور (رپورٽر) شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي ڪنٽرولر امتحانات محمد حسن هاليپوٽو ڄاڻايو آهي ته يونيورسٽي سان لاڳاپيل لا ڪاليجن ۾ ايل ايل بي پارٽ پهريون، ٻيون ۽ ٽيون (ٽي سالا پروگرام) جا ساليانه امتحان 2018-2019 فريش ۽ فيلوئر ۽ ايل ايل بي پارٽ پهريون ۽ ٻيون (پنج سالا پروگرام) جا ساليانه امتحان 2019 خميس 10 جون کان شروع ٿيندا. امتحانن جو ٽائيم ٽيبل لا ڪاليجن ڏانهن موڪليو ويو آهي. ان سلسلي ۾ لاڳاپيل اميدوارن کي هدايت ٿي ڪجي ته هو ٽائيم ٽيبل مطابق امتحانن ۾ شريڪ ٿين.