لاس اينجلس(دلچسپ نيوز) مشهور آمريڪي گلوڪارايلوس پريسلي جا وار سوا 12 ڪروڙ رپين ۾ نيلام ڪيا ويا. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪي گلوڪار ايلوس پريسلي جا وار ٻيو ڀيرو نيلام ڪيا ويا، وارن جي اها نيلامي لاس اينجلس جي ڪروس جي ڊبليو ايس آڪشنز ۾ ڪئي وئي، وارن جو ننڍو جهنڊ هڪ جار ۾ حفاطت سان بند ڪري آندو ويو، ايلوس پريسلي جا وار هجڻ لاءِ ثبوت طور سرٽيفڪيٽ به آندا ويا، اهي وار گلوڪار جي ذاتي حجام هومر گائل لينڊ وٽ محفوظ هئا، نيلامي ۾ ايلوس جو1972۾ ميڊيسن اسڪوائر۾ هڪ ميوزڪ ڪنسرٽ ۾ پاتل لباس به رکيوويو هو. واضح رهي ته ايسلي پريسر جا وار ان کان اڳ 2009 ۾ پڻ نيلام ڪيا ويا هئا.