اسلام آباد: گذريل مالي سال جي جولاءِ کان آڪٽوبر تائين ايف بي آر 2319 ارب رپين جون ٽيڪس وصوليون ڪيون، هلندڙ مالي سال جي جولاءِ کان آڪٽوبر تائين 2628 ارب رپين جون ٽيڪس وصوليون ٿيون، ائين ٽيڪس وصولين ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 15.9 سيڪڙو اضافي ٽيڪس وصوليون ڪيون ويون پر ان عرصي ۾ گذريل مالي سال دوران نان ٽيڪس روينيو جي مد ۾ 452 ارب رپين جون وصوليون ٿيون هيون، هلندڙ مالي  سال دوران نان ٽيڪس روينيو جي مد ۾346 ارب رپين جون وصوليون ٿيون آهن، جنهن سان نان ٽيڪس روينيو جي مد ۾ گذريل مالي سال جي ڀيٽ ۾ هلندڙ مالي سال دوران 23.4 سيڪڙو گهٽ وصوليون ٿيون آهن.