ايف اي ٽي ايف ۽ ان جي گري لسٽ

0
264
ايف اي ٽي ايف ۽ ان جي گري لسٽ

  پاڪستان کي ڪي قدم کڻڻ بعد ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ مان نڪرڻ جو آسرو مليو آهي. ايتري ڳالهه تي اسان وارا خوشيءَ ۾ نٿا ماپن، ڪريڊٽ کڻڻ لاءِ قطار لڳي وئي آهي. دعوائن جا ڌوڙيا آهن، ڪي چون اسان جي ڪري ٿيو، ٻيا چون اسان جي ڪوششن ۽ قدمن سان ٿيو، اڄ ۽ ڪلهه جي حڪومتن وارن جو مقابلو آهي. جيئن هر ڳالهه تي وڙهي ناس ٿيندا آهن، هن تي به ايئن ئي وڙهندي ٿا ڏسجن، جهڙوڪ اهو به عدالت ۾ طئه ٿئي ته اهي ڦاڙها ڪنهن ماريا آهن!!.

سوچڻ جي لاءِ اهو ڪير به سوچيندي نظر نٿو اچي ته امير ملڪن جي اها فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس اهڙي قسم جي اخلاقيات طئه ڪرڻ ۽ ان تي پنهنجي طريقي سان عمل ڪرائڻ جي حقدار آهي به يا ڪونه؟ حرفن ۽ حدفن هيٺ آيل ملڪن جو هنن جي وائيٽ ۽ گري ۽ بليڪ لسٽ ۾ وڃڻ ۽ نڪرڻ جو معيار ڇاهي؟ اهو ڪيترو صاف ۽ شفاف آهي ۽ هو پاڻ ڪيترا صاف ۽ شفاف آهن؟ سواءِ دولتمند هجڻ جي هنن جي ميرٽ ڪهڙي آهي؟ پنهنجي آزاد حيثيت ۽ تشخص جي حفاظت بجاءِ هو هنن جي آندل هدف کي قبول ڪري ٿا وٺن ۽ ڪيل حڪمن تي هلڻ کي لڳي ويا آهن.

پاڪستان به آمريڪا ۽ مغرب جي ڏاڍن ملڪن جي هٿرادو تشريح سان طئه ڪيل ڪن ڏوهن کي ڏوهه تسليم ڪري ۽ پاڻ تي آندل الزامن کي قبول ڪري هنن جي اطمينان لاءِ قانون سازي ۽ قدمن کڻڻ ۾ لڳي ويو، چئن سالن اندر ان جي قابل ٿي ويو جو چئي سگهجي ته جيڪو توهان چيو اهو اسان ڪيو. هاڻي گري لسٽ مان نالو ڪڍو ته عزت وارا سڏجون! ڪمزور هجڻ سبب هن ملڪ عزت ۽ ذلت جا اهي معيار تسليم ڪري ورتا آهن جيڪي دنيا جا امير پر حققت ۾ بدمعاش ملڪ طئه ڪن ٿا. هو جيڪو طئه ڪن ٿا انهن جي سياسي ۽ اقتصادي مفاد وٽان هجي ٿو پر اسين جيڪو قبول ڪريون ٿا اهو گهڻي ڀاڱي اسان جي قومي مفادن وٽان نٿو هجي.

اسان جهڙن ملڪن ۽ ملڪن جي وڏن مٿن کي اهو سمجهه ۾ نٿو اچي يا ان جي مزاحمت کان نٽائن ٿا ته اهڙا ادارا ۽ اهتمام ملڪن کي غلام رکڻ لاءِ  آهن. اهو سڄو عالمي اقتصادي چڪر آهي. سازشون ان لاءِ سٽجن ٿيون، ڪوڙڪيون انهي لاءِ اڏجن ٿيون، ڄار انهيءَ لاءِ وڇائجن ٿا، ملڪ مڇيءَ جيان ڦاسائجن ٿا. پاڪستان اها ڪرڙي آهي جيڪا آمريڪي تلاءُ مان نڪري چين ۽ روس طرف تيزيءَ سان وڃي رهي هئي ۽ پاڪستان جي اها پاليسي حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ جي اتفاق سان هئي، اسٽيبلشمينٽ اعتماد ۾ آئي حڪومت نه ٿي آئي، انهيءَ ڪري عالمي اسٽيبليشمينٽ کي هڪ جي ٻي ڪرڻي پئي.

هاڻي جيئن ته پوري طرح جي تابعداري ڪرڻ واري حڪومت اچي وئي آهي انهيءَ ڪري ان لاءِ آسانيون پيدا ٿينديون وينديون. ايف اي ٽي اف جي گري لسٽ مان ڪڍڻ جو فيصلو به انهيءَ ڪري ٿي رهيو آهي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته فيٽف جا شرط پورا ڪيا انهن کي ته آساني نصيب نه ٿي پر جن انهن شرطن جي پورو ڪرڻ لاءِ پارليامينٽ ۾ قانون سازي ۾ ڪو تعاون نه ڪيو هو، اوهان کي ياد هوندو ته اڄ جي حڪومت پر ان وقت جي اپوزيشن اهڙي قانون سازي ۾ پنهنجي تعاون کي نيب قانون ۾ من پسند ترميمن سان مشروط ڪري ڇڏيو هو. جڏهن ايئن نه ٿيو هو ته هو فيٽف جي شرط کي پورو ڪرڻ واري قانون سازي جو بائيڪاٽ ڪري ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري ويا هئا.

جنهن حڪومت فيٽف جي گري لسٽ مان نڪرڻ لاءِ ڪم ڪيو، ان کي ان جو فائدو نه ٿيو. جن رڪاوٽون وڌيون انهن جي حصي ۾ فائدو اچي رهيو آهي. حالانڪه پاڪستان کي هنن جي اڳوڻي حڪومت ۾ گري لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو هو، هنن کان اهو نه پڳو جنهن جو مطالبو فيٽف ڪري ٿو، تڏهن پاڪستان پابندين هيٺ اچڻ جهڙو ٿيو هو، بلڪل اهڙي ڳالهه آهي جنهن لاءِ چيو ويندو آهي ته ڪن هڪڙا لوڙين ٻيا، وري جيڪي ڪرڻ وارا هجن ڦِري کٽيو ئي اهي کائين. 2018ع کان 2021ع تائين فنانشل ٽاسڪ فورس جا فنانشل شرط سڀ ته پي ٽي آءِ حڪومت پورا ڪيا ، پر آسانيون پي ڊي ايم حڪومت جي حصي ۾ اينديون. ان کي چئبو آهي پئون ٻارنهن. چيو وڃي ٿو ته پاڪستان گورنمينٽ فيٽف جي 27 مان 26 شرط يا مطالبا ساڍن ٽن سالن ۾ پورا ڪري ڇڏيا هئا. جنوري 2022ع ۾ هنن جي ايشيا پئسفڪ ڪاميٽي “رعايتن” جون سفارشون ڪيون هيون. انهيءَ جي بنياد تي هي 17 جون 2022ع وارو اجلاس ڪيو ويو.

پر اهو به يقيني هو ته انهيءَ جي باوجود پاڪستان کي گري لسٽ مان ڪڍيو نه ويندو، “ڊومور” جو مطالبو ڪيو ويندو، کنيل سمورن قدمن کي ناڪام قرار ڏنو ويندو، توڙي جو ٽن چئن سالن جي حڪومت هنن جي مقرر ڪيل معيار تي پوري لهڻ جي پوري ڪوشش ڪئي، پر جيئن ته حڪومت اهڙي وزيراعظم جي هئي، جيڪو مغرب جي اتحاد واري آمريڪي جنگ War on Terror  کي پنهنجي جنگ ڪوٺڻ لاءِ تيار نه هو، انهيءَ تي طرح طرح جا سوال اٿاريندو هو، تنهن ڪري هنن کي اها پوزيشن قبول نه هئي، تنهن ڪري ڪن بهانن سان گري لسٽ مان ڪڍڻ واري ڳالهه کي ٽارڻو هئن. هنن کي پاڪستان تي اهو بار برقرار رکڻو هو، پر جيئن ته حڪومت تبديل ٿي وئي، انهيءَ سان گڏ موڊ به تبديل ٿيڻو ئي هو، سو اهو ايترو ٿيو جو چيو ويو ته فيٽف جو هڪ وفد پاڪستان ايندو ۽ جائزو وٺندو، پوءِ جيڪو فيصلو بيٺو!!.

جيئن ته فيٽف آمريڪا ۽ اولهه وارن ملڪن جو هڪ دٻاءُ وجھڻ وارو ادارو آهي، انهيءَ ذريعي هو ننڍن ملڪن کي پنهنجي تابع رکڻ لاءِ دٻاءُ هيٺ رکندا آهن. انهيءَ ڪري ڪن کي وائيٽ لسٽ ۾، ڪن کي گري لسٽ ۾ ۽ ڪن نافرمانن کي بليڪ لسٽ ۾ رکندا آهن، تنهن ڪري پاڪستان کي اڃان دٻاءُ هيٺ رکندا، پنهنجي مرضي وارا ڪم ڪرائي رهندا، پنهنجو پورو اطمينان ڪري پوءِ گري لسٽ مان ڪڍندا. سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته انهيءَ لسٽ ۾ رهڻ جو نقصان ڪهڙو آهي ۽ نڪرڻ جو فائدو ڪيترو آهي؟  اول ته اداري جي مزاج کي سمجهڻ گھرجي. فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس (FATF)  1989ع ۾ آمريڪا، ڪيناڊا، جاپان، جرمني، برطانيه، فرانس ۽ اٽلي وارن جي گروپ سيون (G. 7)  قائم ڪيو هو. بظاهر ان جو مقصد رشوت، اسمگلنگ ۽ مني لانڊرنگ جو ٽوڙ آهي. بعد ۾ ميمبر ملڪن ۾ اضافو ڪيو ويو جيڪي تقريبن 37 آهن. بنيادي طور تي هي آسودن ملڪن جي هڪ مشاورتي ڪائونسل آهي، جيڪا مالياتي نظام کي صاف سٿرو رکڻ لاءِ ملڪن کي مشورا ڏيندي آهي. پر جيئن ته پئسي وارا ملڪ ميمبر آهن، پئسي کي وڏي مستي ٿيندي آهي، انهي ڪري هنن جو مشورو حڪم جي حيثيت رکي ٿو، نه مڃڻ هنن جي ناراضگي کي جنم ڏي ٿو. انهيءَ ڪري ايف اي ٽي ايف هنن جي هڪ قسم جي بليڪ ميلنگ جو ادارو بڻجي ويو آهي، جيڪو بليڪ مني جي بهاني سان ۽ نائن اليون کانپُوءِ هاڻي ته ٽيررازم فنانسگ جي آڙ وٺي سياسي ساڙ به پورا ڪرڻ جي ڪم اچي ٿو. هر قسم جي ڪاوڙ لاءِ ڪارائتو آهي.

حيرت جي ڳالهه اها آهي ته غريب ملڪن جي حڪمرانن جي بليڪ مني کي پنهنجين بينڪن ۾ تحفظ ڏيڻ ۽ ان جو کٽيو کائڻ وارا ٿا بليڪ مني جا ٻين تي الزام هڻي ڪارروايون ڪن! پوري دنيا ۾ پاڻ ٿا دهشتگردي ڪن، پنهنجن مطالبن لاءِ ويڙهاڪ ملڪن ۽ گروهن کي فنڊ فراهم ڪن ۽ ٻين کي انهيءَ کان روڪين! وڏي کان وڏي ٽيرر فنانسگ پاڻ اهي ملڪ ڪن ٿا، ساري دنيا انهن جي پئسي جي زور تي بدامني جو شڪار آهي. هو پاڻ اصولي طور تي انهيءَ بليڪ لسٽ ۾ آهن جيڪي ٻين کي بليڪ لسٽ ۽ گري لسٽ ۾ رکن ٿا پر ڇاهي جو ڪونهي ڪو هن دنيا ۾ دم، جو ٻڌي ڪري انهن جا هٿ ٻڌن ۽ انهي بدمعاشي کان روڪين جيڪا هو هر طرح سان لاتيون ويٺا آهن.