اسلام آباد (ڊيسڪ رپورٽ) ايف آءِ اَي طرفان ملڪ ۾ کنڊ مافيا خلاف جاچ جاري، وڌيڪ 392 بي نامي اڪائونٽس جا تفصيل سامهون اچي ويا، واٽس ايپ گروپ ذريعي سڄي ملڪ ۾ هڪ هزار کنڊ مافيا جو رڪارڊ هٿ، ايف اي آءِ ذريعن جو چوڻ آهي ته ظاهر ٿيل بي نامي اڪائونٽس ۾ 622 ارب رُپين جون منتقليون ڪيون ويون، ايف آءِ اي بي نامي اڪائونٽس جا 7 ارب رُپيا منجمد ڪري ڇڏيا.