ايف آءِ اي پاران ٽِڪ ٽاڪر حريم شاهه خلاف مني لانڊرنگ جي جاچ شروع

0
230
ايف آءِ اي شوق سان

وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) ٽِڪ ٽاڪر حريم شاهه خلاف مني لانڊرنگ جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي

ايف آءِ اي عملدارن برطانيا جي نيشنل ڪرائم ايجنسي کي خط لکڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن ۾ نيشنل ڪرائم ايجنسي کان ڪارروائي جي درخواست ڪئي وئي آهي

ايف آءِ اي اختيارين جو چوڻ آهي ته انسٽاگرام تي جاري ڪيل وڊيوز ۾ حريم شاهه پاڻ برطانيا ۾ وڏي رقم منتقل ڪرڻ جو اعتراف ڪري رهي آهي

 

سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل وڊيو ۾ حريم شاهه جو چوڻ هو ته مون کي ڪير به روڪي نٿو سگهي، پهريون ڀيرو برطانيا پاڪستان مان ايتري وڏي رقم آڻي رهيو آهي، پاڪستاني رقم ۽ پاسپورٽ سميت ڪنھن بھ شئي جي حيثيت ناھي

حريم شاهه پنهنجي فالوور کي اهو به چيو ته اوهان رقم کڻي اچڻ وقت خيال ڪجو  ڇو ته پڪڙيو وٺن، مون کي ڪنهن به ڪجهه نه چيو ۽ چئي به نه ٿي سگهي، مان آساني سان ۽ محفوظ طريقي سان پهچي ويس

حريم شاهه وڌيڪ چيو ته حڪومت ڪرنسي ۽ پاسپورٽ وڌائڻ جو واعدو ڪيو هو، حڪومت ڪجهه نه ڪري سگهي، اهي رڳو ڳالهيون ڪري سگهن ٿا، برطانيه ۾ ايتري ٿڌ آهي پر ڪو به فوت نه ٿيو، مري ۾ برسات ۽ برفباري سبب فوتگيون ٿيون

ياد رهي ته مني لانڊرنگ جاچ جون خبرون ميڊيا تي ڦهلجڻ کانپوءِ حريم شاهه پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽس تان وڊيوز ڊيليٽ ڪري ڇڏيون

ھي بھ پڙھندا

حريم شاهه عمران خان مان مايوس، بلاول ۾ اميدون

 

حريم شاهه جي شادي بابت نئين دعويٰ، مڙس جون تصويرون وائرل

آن ايئر شو ۾ حريم شاهه جي فون، شيخ رشيد جي ڇَنڊ

هيڪرز جي مدد سان اعليٰ ۽ سياسي شخصيتن جا موبائل نمبر حاصل ڪيا: حريم شاهه

بلاول جي ڪري پ پ ۾ شامل ٿي سگهان ٿي: حريم شاهه

عمران خان سان گڏ ورتل سيلفي سڀ کان وڌيڪ پسند آهي: حريم شاهه

مريم نواز دلير آهي کيس ائين ئي اڳتي وڌڻ گهرجي:حريم شاهه