لاهور (بيورو رپورٽ) وفاقي تحقيقاتي ايجنسي (ايف آءِ اي) جهانگير ترين ۽ ان جي پٽ علي ترين کي سڀاڻي اڱاري تي طلبي جو نوٽيس جاري ڪيو آهي، ايف آءِ اي لاهور جي طرفان موڪليل نوٽيس ۾ جهانگير ترين ۽ علي ترين کان 8 سوالن جا فوري جواب گهريا ويا آهن، ايف آٰءِ اي جي نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته 2020 کان هُن کان سوالن جا جواب گهريا ويا آهن، جهانگير خان ترين جمعي جي ڏينهن سوالن جا جواب ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو.