خانپور مهر: ڳوٺاڻي عبدالقادر عالماڻيءَ جي قتل جي ايف آءِ آر ۾ پوليس سان گڏ نامزد ڪيل ديدار حسين جسڪاڻي پنھنجي اخبار کي ٻڌايو ته عالماڻي برادريءَ جي ماڻھن اسان جا نالا بنا جواز ايف آءِ آر ۾ ڏنا آھن. ٻڪريون چوري ڪرڻ جي ايف آءِآر عبدالقادر عالماڻي مٿان داخل ٿيل آھي، جنھن ۾ منھنجو ڀاءُ غلام اڪبر فريادي ۽ آئون شاھد آھيان. اسان کي ايف آءِآر تان ھٿ کڻڻ لاءِ زور وڌو پئي ويو، بنا جواز ڪيس ۾ ڦاسايو پيو وڃي.