لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ آءِ سي سي تي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته ايشيا ڪپ پاڪستان ۾ ئي ٿيندو، پي سي بي پاران موقف تي قائم رهڻ سبب ايونٽ وري ملتوي ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. تفصيل موجب هلندڙ سال ايشيا ڪپ پاڪستان ۾ ڪرائڻ تان پاڪ- ڀارت تڪرار جاري آهي جڏهن ته  پي سي بي آءِ سي سي کي واضح جواب اماڻي ڇڏيو  آهي جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پاڪستان ڪنهن به صورت ايونٽ تان هٿ نه کڻندو، ڀارت کانسواءِ سمورين ٽيمن جا شيڊيول ميچ پاڪستان ۾ ئي ٿيندا.  پي سي بي تجويز ڏني آهي ته  جيڪڏهن ڀارت متبادل وينيو تي کيڏڻ چاهي ٿو ته اسانکي ڪوبه اعتراض ناهي، ساڳي نموني ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان به ڀارت ۾ نه کيڏندو . ٻنهي ڪرڪيٽ بورڊز وچ۾ تڪرار برقرار رهڻ سبب آءِ سي سي پاران ايشيا ڪپ ايندڙ سال تائين ملتوي ڪرڻ تي غور شروع ڪري ڏنو آهي. واضح رهي ته ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي ٿيل اجلاس ۾ پي سي بي تجويز ڏني هئي ته ڀارت متبادل وينيو تي ميچ کيڏي سگهي ٿو جنهن تي بي سي سي آءِ جي سربراهه راضپو ڏيکاريو هو پر وطن واپسي بعد هو پنهنجي موقف تان ڦري ويو.