لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) چيو آهي ته ايشيا ڪپ 2022 تائين ملتوي ٿي ويو آهي. پي سي بي ترجمان موجب ايشيا ڪپ 2022 تائين ملتوي ٿي ويو آهي، جنهن کانپوءِ شوقين پاڪ – ڀارت ڪرڪيٽ ميچ کان لطف اندوز نه ٿي سگهندا. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ڪجهه دير اڳ پڌرائيءَ ۾ ايشيا ڪرڪيٽ ڪپ ملتوي ٿيڻ جو اعلان ڪيو آهي.