ڪراچي(اسپورٽس نيوز) ايشيا ڪپ 2023ع لاءِ ڀارت جو پاڪستان نه اچڻ جي فيصلي تي شاهد آفريدي هنن کي تنقيد جو نشانو بڻايو. پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ تي تنقيد ڪندي چيو ته ٻنهي ٽيمن هلندڙ سال بهترين دوستي جو مظاهرو ڪيو آهي جڏهن ته ٽيمن وچ ۾ دوستاڻي ماحول سبب ٻنهي ملڪن ۾ به خوشگوار صورتحال پيدا ٿي رهي هئي. هن سوال ڪيو ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ دوران بي سي سي آءِ جي سيڪريٽري اهڙو بيان ڇو ڏنو؟ جئي شاه جي اهڙي بيان سان ڀارت ۾ ڪرڪيٽ انتظاميا ۾ تجربي جي گهٽتائي ظاهر ٿئي ٿي.