دبئي(اسپورٽس نيوز) ايشيا ڪپ جي سپر فور مرحلي ۾ سريلنڪا ڀارت کي شڪست ڏئي فائينل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو. ان سلسلي ۾ سريلنڪا ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. ڀارتي ٽيم پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 173 رنز ٺاهيون. ڪپتان روهت شرما 72 رنز ٺاهي نمايان رهيو، ويرات ڪوهلي ٻڙيءَ تي آئوٽ ٿيو. سريلنڪا طرفان دلشان مدوشانڪا 3، چميڪا ڪرونارتني ۽ داسن شاناڪا 2-2 وڪيٽون ورتيون. سريلنڪا 19.5 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي هدف پورو ڪيو. پاٿم نسانڪا 52 ۽ ڪوسل مينڊس 57 رنز ٺاهي نمايان رهيا. سريلنڪا ڀارت کي شڪست ڏيڻ بعد فائينل ۾ پهچڻ لاءِ دڳ صاف ڪري ورتو آهي.