ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي قومي ٽيم کي ڀارت ۾ رٿيل ورلڊ ڪپ کيڏڻ ۽ کٽڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو. نجي ٽي وي چئنل کي انٽرويو ڏيندي اڳوڻي ڪپتان ايشيا ڪپ بابت مسلسل موقف تبديل ڪرڻ تي پي سي بي چيئرمين نجم سيٺي کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته کيس سمجهڻ گهرجي ته پي سي بي جو سربراهه هئڻ هڪ تمام وڏي ذميواري آهي، ان ڪري کيس پنهنجو موقف مسلسل نه بدلائڻ گهرجي. هن چيو ته نجم سيٺي ڪڏهن چوي ٿو ته ايشيا ڪپ هتي ٿيڻ گهرجي،

ڪڏهن چوي ٿو ايشيائي ايونٽ کي انگلينڊ ۾ ٿيڻ گهرجي، مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته هو هر هنڌ انٽرويو ڇو ڏئي رهيو آهي. اڳوڻي ڪپتان چيو ته بورڊ جي سربراهه جي ڪرسي تي ڪنهن مضبوط اعصاب جي مالڪ شخص کي هئڻ گهرجي، وڏي عمر جو به ناڪاري اثر پوندو آهي. پاڪستان طرفان ايشيا ڪپ لاءِ ڀارت جي ٽيم نه موڪلڻ تي عالمي ڪپ لاءِ پنهنجي ٽيم نه موڪلڻ واري ڌمڪي تي شاهد آفريدي چيو ته ڀارت نه وڃڻ بابت هو ڇو چئي رهيو آهي، نجم سيٺي کي گهرجي ته هو رانديگرن ۽ ڪپتان کي چوي ته عالمي ڪپ کٽي هندوستان جي منهن تي چماٽ وهائي واپس اچو.