ايشوريا راءِ، ڪرينا ڪپور ڪاليج تعليم به پوري نه ڪئي

0
281
ايشوريا راءِ، ڪرينا ڪپور

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ ۾ پنهنجي شاندار ڪارڪردگي سان سڃاڻپ ٺاهيندڙ فلمي اداڪارائن جوهي چاولا، ڪرينا ڪپور، ايشوريا راءِ ۽ راني مکرجي ڪيتريون پڙهيل آهن؟ ان بابت هڪ اهم رپورٽ سامهون آئي آهي

   اڳوڻي مس ورلڊ ايشوريا راءِ ممبئي ۾ ڊي جي روپاريل ڪاليج مان اعليٰ تعليم حاصل ڪئي پر ڪجهه ميڊيا رپورٽن ۾ چيو ويو ته ايشوريا پنهنجي ڪاليج جي تعليم مڪمل ناهي ڪئي

ڪپور خاندان ۾ پيدا ٿيندڙ ڪرينا ڪپور اعليٰ  تعليم لاءِ ممبئي جي ميٺي بائي ڪاليج جي چونڊ ڪئي، پر فلمي ڪيريئر جي ڪارڻ هو ڪاليج جي ڊراپ آئوٽ شاگردياڻي ئي رهي. امبالا، هريانا ۾ پيدا ٿيندڙ جوهي چاولا کي 1988 ۾ عامر خان سان ”فلم قيات سي قيامت تڪ“ سان نئين سڃاڻپ ملي

جوهي پڙهائي جي معاملي ۾ سدائين سنجيده رهندي هئي هن ممبئي جي سينڊنهم ڪاليج کان ايڇ آر ۾ گريجوئيشن ڪئي. ان کان سواءِ راني مکرجي پنهنجي اسڪول جي تعليم مانيڪ جي ڪوپر هاءِ اسڪول، جوهو، ممبئي کان ڪئي ۽ پنهنجي گريجوئيشن ميٺي بائي ڪاليج ممبي مان مڪمل ڪئي