حيدرآباد (بيورو رپورٽ) دادو ضلعي سان تعلق رکندڙ اڳوڻي ايم پي اي مرحوم قاضي شفيق مھيسر جي گھرواري  افشان پروين مھيسر پنھنجي پٽ ايڊووڪيٽ قاضي عبدالحميد مھيسر سان گڏ حيدرآباد ۾ پريس ڪلب پهچي پريس ڪانفرنس ڪئي. هن الزام هنيو ته ايس ايس پي دادو سيڪريٽري زراعت سنڌ جي چرچ تي سندن زمين تي مبينا طور قبضي جي ڪوشش لاءِ هراسان پيو ڪري، جڏهن ته ايس ايس پي دادو سيڪريٽري جي ونگار وهندي 400 ايڪڙ زمين تي مبينا قبضي لاءِ کين ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون به ڏنيون آهن. افشان پروين مهيسر ٻڌايو ته ايس ايس پي جي اشاري تي ميھڙ ٿاڻي جو ايس ايچ او به سندن ويري بڻجي ويو آهي جڏهن ته سيڪريٽري زراعت جو ڀاءُ ، سئوٽ، ماروٽ ۽ سندن ساٿي شروع ڪيل اسڪيم روڪرائڻ جي به ڪوشش پيا ڪن. هن چيو ته اسڪيم انهن پنهنجي زرعي زمين جي ڪجھ حصي ۾ شروع ڪئي آهي پر پوليس ذريعي دٻاءُ وڌو پيو وڃي ته اسڪيم بند ڪري ڇڏيون ۽ زمين تان هٿ کڻي وڃون. هن وزيراعليٰ سنڌ، آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي ساڻس انصاف ڪيو وڃي.