شھدادپور (ن پ ا) شھدادپور پريمئير ليگ جاري، پينٿر جي ٽيم ڊريگنز کي 40 رنز تان شڪست ڏئي ڇڏي، نور علي لاکو مين آف دي ميچ قرار، ان سلسلي ۾ عبدالسلام ٿهيم اسپورٽس ڪامپليڪس ۾ جاري ايس پي ايل ميچ ۾ پينٿر ٽاس کٽي بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 4 وڪٽن جي نقصان تي 178 رنز ٺاهيون. محرم ملڪ 92 ۽ نور علي لاکو 55 رنز ٺاهي نمايان رهيا. نور علي لاکو جي بهترين بالنگ اڳيان ڊريگنز اليون جا بيٽسمين ڄمي نه سگهيا ۽ سموري ٽيم 129 تي پويلين موٽي وئي، نور علي لاکو 5 ۽ عزيز خان 3 وڪٽون ورتيون. اهڙي ريت پينٿر 40 رنز تان ڪاميابي ماڻي. آل رائونڊر نور علي لاکو کي بهترين رانديگر جو ايوارڊ ڏنو ويو. ٽورنامنٽ ۾ اڄ رانديگرن کي آرام ڏنو ويو آهي.