حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ ترقي پسند پارٽي ڊجيٽل آدمشماري کي سنڌ دشمن ۽ سازشي آدمشماري قرار ڏيندي احتجاجي تحريڪ ۽ عوام ۾ جاڳرتا مهم هلائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي جو چوڻ آهي ته ڊجيٽل آدمشماري سنڌين کان سندن وطن کسڻ ۽ اقتدار اعليٰ تي قبضو ڪرڻ جي سازش آهي جنهن کي سنڌ ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندي. هن چيو پ پ حڪومت جو فرض ٿئي ٿو ته فوري طور سنڌ اسيمبلي مان قراداد پاس ڪرائي سازشي آدمشماري کي روڪي ٻي صورت ۾ هن قومي ڏوھ ۾ کيس برابر جو شريڪ سمجهيو ويندو. ڊاڪٽر قادر مگسي موجب ته سنڌ ڄاڻايل سازش جو ڀرپور مقابلو ڪندي ۽ سازشي عناصرن کي ناڪام بڻايو ويندو. ترجمان پاران سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران سڀاڻي کان ٿيندڙ احتجاجن ۽ عوامي رابطا مهم هلائڻ بابت شيڊيول پڻ جاري ڪيو ويو آهي جنهن موجب سڀاڻي 4 مارچ تي پارٽي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جي اڳواڻي ۾ ڪراچي پريس ڪلب آڏو ڊجيٽل آدمشماري خلاف احتجاجي ڪئمپ قائم ڪئي ويندي جيڪا 20 مارچ تائين جاري رهندي. ساڳئي ڏينهن ڊاڪٽر قادر مگسي سنڌ لٽريچر فيسٽيول 2023ع ڪراچي ۾ به شريڪ ٿيندو. 5 مارچ تي حيدرآباد، 7 مارچ تي سکر، 8 مارچ تي مٽياري ۽ هالا، 10 مارچ تي ميرپورخاص، 11 مارچ تي نوابشاھ، 12 مارچ تي حيدر آباد، 13 مارچ تي لاڙڪاڻو، 14 مارچ تي دادو، 15 مارچ تي ڄامشورو ۽ ڪوٽڙي، 16 مارچ تي عمرڪوٽ، 17 مارچ تي مٺي ۽ بدين ۽ 18 مارچ تي ٽنڊو محمد خان ۾ ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي سنڌ ۾ جاري ڊجيٽل آدمشماري خلاف عوامي رابطا مهم جي سلسلي ۾ ٿيندڙ ڪارنر گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪري سنڌ کي درپيش خطرن ۽ نقصانن کان آگاهه ڪندو. ترجمان موجب 20 مارچ تي سنڌ ترقي پسند پارٽي جو چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي ڪراچي پريس ڪلب اڳيان قائم ڪئمپ تي خطاب ڪندو.