ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران ڊجيٽل آدمشماري خلاف ڪراچي پريس ڪلب اڳيان قائم ڪيل احتجاجي ڪيمپ 13 ڏينهن به جاري رهي. ڪيمپ تي موجود اڳواڻن گلزار سومرو ، قادر چنا ، نثار ڪيريو، هوت خان گاڏھي حيات تنيو چيو ته سنڌ  تڪراري  آدمشماري کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندي. ڊجيٽل آدمشماري ذريعي سنڌ جي حق حاڪميت تي قبضو ڪرڻ جي سازش رٿي وئي آهي،  سنڌ جو عوام اهڙا ارادا ناڪام بڻائيندو. سازشي آدمشماري جي خاتمي تائين جدوجهد جاري رهندي