ڪراچي: ايس يو پي ۽ عوامي تحريڪ کانپوءِ جي ڊي اي اڄ رٿيل پ پ جي اي پي سي جو بائڪاٽ ڪري ڇڏيو، ان ڏس ۾ جي ڊي اي جي جنرل سيڪريٽري سردار عبدالرحيم چيو آھي ته پيپلزپارٽي آل پارٽيز ڪانفرنس جي دعوت ڏني ھئي، جي ڊي اي مشاورت کانپوءِ ڪانفرنس م شرڪت نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ،ھن چيو ت ڊجيٽل آدمشماري خلاف پرامن جدوجھد کي سبوتاز ڪرڻ لاء پيپلزپارٽي آل پارٽيز ڪانفرنس جو ڊرامو رچايو آهي، پ پ پنھنجي اتحادي جماعت ايم ڪيو ايم کي ماضي وانگر دوکو ڏيڻ چاهي ٿي، هن چيو ته  سنڌ جي عوام سان محبت ڪندڙ سياسي جماعتون انهي ڪانفرنس ۾ شرڪت نه ڪنديون.