ڄامشورو/ ڪوٽڙي (نمائندا) ايس يو پي پاران 25 اپريل تي سائين جي ايم سيد جي 26 ھين ورسي ڪرونا سبب سادگيءَ سان ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ان ڏس سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي باڊي جو اجلاس پارٽي صدر سيد جلال محمود شاهہ جي صدارت هيٺ جي ايم سيد ايديفيس ڄامشورو تي ٿيو، اجلاس ۾ ڊاڪٽر خليل جان سرهندي، جگديش آهوجا، امير آزاد پنھور، روشن علي ٻرڙو، امير علي ٿيٻو، مختيار احمد ميمڻ ۽ مخدوم شمس ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ 25 اپريل تي سائين جي ايم سيد جي 26 ھين ورسي ڪورونا سبب سادگيءَ سان ملھائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، طئه ٿيو ته ورسي واري رات سن ۾ مشعل بردار ريلي ۽ مزار تي مرڪزي باڊي پاران چادر چاڙھي ويندي ۽ صوفياڻي محفل پڻ ٿيندي. اجلاس ۾ ملڪي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. پارٽي صدر سيد جلال محمود شاھہ خطاب ڪندي چيو تہ ملڪ اندر جمھوري نظام ۽ قومن جي خودمختياريءَ جي حوالي سان پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ رابطو ڪيو تہ ضرور ڳالھائينداسين. پيپلزپارٽي 1970ع کان موقعي پرستي جي سياست ڪندي رھي آھي، ملڪ جو وزيرِ اعظم عمران خان بہ سدائين دعويٰ ڪندو رھيو آھي تہ ڪرپٽ سياستدانن کي اين آر او نہ ڏيندو، پر حالتون ٻڌائين ٿيون تہ ھُن زرداري ۽ پيپلزپارٽيءَ کي اين آر او ڏيئي ڇڏيو آھي. جنھن جي بدلي ۾ ئي پيپلزپارٽيءَ پي ڊي ايم جي پٺيءَ ۾ ڇرو ھنيو آھي.