ڄامشورو: سيد زين شاهه هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته  سن ۽ ٻين علائقن ۾ پوليس ايس ايس پي ڄامشورو جي هدايتن تي  ڪارڪنن کي هراسان ڪري ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو، پرامن طريقي سان جلسا ٿي رهيا هئا، دادو مورو،ڄامشورو حيدرآباد سميت ٻين علائقن کان ايندڙ قافلن جي 4 کان 5 هنڌن تي چيڪنگ ڪئي وئي ۽ مختلف هنڌن تي ماڻهون تي تشدد ڪيو ويو، ايس ايس پي ڄامشورو سڄي شهر ۾ لهي ايس يو پي جي جلسي ۾ اچي وڏا اٽالا سان ڪري هراسان ڪندو رهيو ۽ سائين جي ايم سيد جي مزار تي وڃي ڪارڪنن کان جهنڊا ڦريا، ايس ايس پي اليڪشن ۾ ماڻهون گرفتار ڪري حڪومت کي پنھنجي ڪارڪردگي ڏيکاري ڊيوٽي پڪي ڪري رهيو آهي ۽ فائرنگ سبب اسان جو ڪارڪن حنيف نهوڙيو زخمي ٿي پيو آهي ايس ايس پي ڄامشورو   ۽ آپريشن خلاف اڄ سڄي سنڌ ۾ ڌرڻن جو اعلان ڪري ٿي، اسين ايس ايس پي ڄامشورو کي هٽائڻ جو مطالبو ڪريون ٿا،  هنن مطالبو ڪيو ته سموري واقعي تي ججن جي انڪوائري ڪئي وڃي.