لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ضلعي لاڙڪاڻي جي صدر ڊاڪٽر مظهر مغل چيو آهي ته لاڙڪاڻي شهر جي امن و امان جي صورتحال کي خراب ڪرڻ ۾ سنڌ حڪومت ۽ پيپلزپارٽي جو ڪردار آھي، اُھو ڪردار سنڌ پوليس ۾ سياسي ڀرتيون ۽ بدليون آھن جنھن ڪري سموري سنڌ ۾ بدامني جو آزار وڌي ويو آھي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته لاڙڪاڻي ۾ امن امان جي صورتحال کي بھتر نه ٿيڻ سان ثابت ٿي رھيو آھي ته پيپلزپارٽي سنڌ جي امن پسند شھرين سان نه پر ڏوھارين سان گڏ آھي. هن چيو ته لاڙڪاڻي ۾ بدامني گھٽجڻ جو نالو ئي نه ٿي وٺي، شهر جي دڙي ٿاڻي جي حد نوان تڪ واري علائقي مان شھري جاويد شيخ جي گهر تالو ٽوڙي اندر بيٺل موٽرسائيڪل چوري ڪئي وئي جنهن واقعي جا سي سي ٽي وي فوٽيجز سامهون اچي چڪا آهن پر ان جي باوجود پوليس چورن خلاف ڪا به ڪاروائي ناهي ڪئي جنهن عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ملڪي اعليٰ ادارن کي اپيل ٿا ڪيون ته لاڙڪاڻي سميت سموري سنڌ اندر امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻائي عام ماڻهن ۾ پيدا ٿيل بيچيني ختم ڪئي وڃي.