حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ايس يو پي پاران خراب حڪمراني، ڪرپشن، مهانگائي، بيروزگاري، ڊجيٽل آدمشماري خلاف پيادل مارچ 22هين ڏينهن حيدرآباد مان منزل طرف روانو ٿي  هوسڙي پهتو. قاسم آباد جي نسيم نگر مان شروع ٿيل سنڌ مارچ جي اڳواڻي ايس يو پي جي سينيئر نائب صدر روشن علي ٻرڙو ڪئي. مارچ گدو چوڪ کان آٽو ڀان روڊ ذريعي فتح چوڪ پهتو جتي استقبالي ڪئمپ تي موجود اڳواڻن ۽ شهرين مٿن گلن جي ورکا ڪندي شاندار آجيان ڪئي، جنهن بعد مارچ ٽنڊو محمد خان روڊ ذريعي منزل طرف روانو ٿيو. ان موقعي تي خطاب ڪندي روشن علي ٻرڙو چيو ته 7 مهينا اڳ پيپلزپارٽي هٿرادو ٻوڏ سان سنڌ کي ٻوڙيو، جنهن دوران 14 لک ماڻهو بي گهر ٿيا آهن جنهن ڪري انهن بي گهر ماڻهن جي گهر شماري ٿيڻ تائين آدمشماري نٿي ڪرائي سگهجي. هن چيو ته  آدمشماري ملڪ جي عوام سان ناانصافي آهي ان ڪري فوري طور تي رد ڪيو وڃي. امير آزاد پنهور ۽ ٻين به مارچ کي خطاب ڪيو. 15 فيبروري کان شروع ٿيل سنڌ مارچ 22هين ڏينهن هوسڙي جي ڳوٺ عدل نوناري پهتو آهي، جتي رات قيام ڪرڻ بعد سڀاڻي سنڌ بحالي مارچ پنهنجي اڳين منزل ٽنڊو محمد خان لاءِ روانو ٿيندو.