باقراڻي (ن پ ا ) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي تعلقي باقراڻي جي ڪانگريس جو اجلاس ڳوٺ مڏباھو ۾ ڪامريڊ ھوش محمد چانڊيو جي رھائشگاھ تي ضلعي صدر ڊاڪٽر مظھر مغل جي صدارت هيٺ ٿيو. جسقم تعلقي باقراڻي جي 10 کان وڌيڪ ڪارڪنن الله بخش چانڊيو جي اڳواڻي ۾ جسقم کي خدا حافظ چئي ايس يو پي ۾ شموليت جو پڻ اعلان ڪيو، اجلاس ۾ متفقه راء سان تعلقه باقراڻي لاء ھيٺين باڊي مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ، جنهن ۾ صدر ڪامريڊ ھوش محمد چانڊيو ، نائب صدر خير محمد سھڙو ، جنرل سيڪريٽري رابيل سيال ، ڊپٽي سيڪريٽري الله بخش چانڊيو ، خزانچي شڪيل ملاح ، پريس سيڪريٽري شفقت سانگي شامل آهن،15 فيبروري کان ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ مرڪز طرفان اعلانيل سنڌ مارچ ۾ ڀرپور شرڪت جو فيصلو ڪيو ويو.