ايس يو پي اڳواڻ حسيب جوڻيجو جو مڙهه مٽيءَ ماءُ حوالي، قتل خلاف مختلف شهرن ۾ مظاهرا

0
205

ڪراچي (نمائندن وٽان) پنوعاقل ويجهو ايس يو پي اڳواڻ حسيب جوڻيجو جو مڙهه مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو آهي، پنوعاقل ويجهو ايس يو پي اڳواڻ حسيب جوڻيجو جو مڙهه جنازي نماز بعد مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو

ڳوٺ خاسو ۾ حسيب جوڻيجو جي جنازي  نماز ادا ڪئي وئي، سياسي سماجي  ڌرين ۽ علائقي واسين طرفان شرڪت ڪئي وئي، مقتول جو مڙهه اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، سندس گهر ۾ ڪهرام متل آهي

ايس يو پي سکر جي اڳواڻ حسيب جوڻيجو جو گذريل ڏينهن ڳڀا ڳڀا ٿيل ٻوري بند لاش مليو هو

ٻئي پاسي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ايس يو پي اڳواڻ حسيب جوڻيجو جي قتل واقعي خلاف تنگواڻي، لاڙڪاڻي، دادو، ميرپورخاص، ڄامشورو ۽ ٻين شهرن ۾ مظاهرا ڪيا پيا وڃن

تنگواڻي ۾ ايس يو پي اڳواڻ حسيب جوڻيجو جي قتل خلاف ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، تنگواڻي ۾ ايس يو پي اڳواڻ حسيب  جوڻيجو جي بي رحماڻي قتل خلاف  احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو،

ايس يو پي سميت مختلف سياسي  سماجي ۽ قومپرست تنظيمن پاران ريلي  ڪڍي وين ٽرمينل وٽ ڌرڻو هنيو ويو، اڳواڻن جو چوڻ هو ته حسيب جوڻيجو کي بي رحمي سان ٿيل  قتل جي مذمت ڪريون ٿا، واقعي ۾ ملوث  مک جوابدارن کي وائکو ڪيو وڃي

ايس يو پي اڳواڻ حسيب جوڻيجو جي قتل تي سڄي سنڌ ۾ ڏک جي لهر پيدا ٿي وئي آهي ۽ حسيب جوڻيجو جي قتل ۾ ملوث مک جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو پيو وڃي

ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته سندس قتل ۾ ملوث صابر کوکر کي سکر پوليس گرفتار ڪري ورتو آھي ،جوابدار وٽان قتل ۾ استعمال ڪيل تيز ڌار اوزار به پوليس ھٿ ڪري ورتو

جوابدار اعتراف ڪندي چيو آهي ته مان حسيب جوڻيجو کي فائر ڪري قتل ڪيو، پوءِ مان هن کي آري سان ڪٽي ڪري لاش ٻوري ۾ وجهي ڪري بند تي اڇلائي آيس، هي شخص ياسين جوڻيجو ڪيس ۾ گارگند ڪندو هو، ڪاوڙ ۾ اچي ان کي قتل ڪيو آهي

هي به پڙهندا

سکر ويجهو چوري دوران مزاحمت تي ڳوٺاڻو قتل، 2 مبينا ڏوهاري مارجي ويا