ٺٽو: پاڪستان پيپلز پارٽي جي ايم اين اي سيد اياز علي شاهه شيرازي گھاري واقعي ۾ ملوث ايس ايچ او ممتاز بروھي  کي چوڌري اسلم قرار ڏيندي واقعي جي عدالتي جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آھي. ان سلسلي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي سجاول مان چونڊيل ايم اين اي سيد اياز علي شاهه شيرازي ھڪ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته گھارو واقعو ھڪ ڊرامو هو، جنھن ۾ 3 بيگناهه جانيون ضايع ٿي ويون، واقعي ۾ ملوث ايس ايچ او ممتاز بروھي پاڻ کي اسلم چوڌري سمجھي رھيو آھي، کيس فوري طور ھٽائي جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي. ھن چيو ته ايڏو سارو واقعو ٿيو آھي ۽ ايس ايچ او اڃا تائين سيٽ تي ويٺل آھي، ايس ايچ او گھارو پوليس اھلڪارن جي شھادت ۾ ملوث آھي پر ان سان گڏوگڏ منشيات به ھلائي رھيو آھي، ايس ايس پي کان به وڌيڪ پاور رکي ٿو. ھن چيو ته سپريم ڪورٽ سول معاملن ۾ پوليس کي ڪارروائي کان روڪيو آھي پر ان جي باوجود ٻاٻڙا ۾ ٻن ڌرين جي زميني تڪرار کي ھٿي ڏيارڻ لاءِ ايس ايچ او گھارو ھڪ ڌر جي ونگار وھي رھيو آھِي. ھن چيو ته اسان ٺٽي جي دوري دوران وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي گھاري واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائڻ جو چيو ھو ۽ اڄ به اھو مطالبو ٿا ڪريون به گھاري واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائي سڀ حقيقتون سامھون آنديون وڃن.