ڏهرڪي/ رائونتي: بدنام ڌاڙيل سلطو شر کي مقابلي ۾ مارڻ جي دعويٰ کانپوءِ سندس ڀاءُ پاران جاري ڪيل وڊيو بيان پوليس آفيسرن جي ڪردار کي مشڪوڪ بڻائي ڇڏيو، سلطو شر جي ڀاءُ سومرو شر هڪ وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته سلطو پوليس آفيسرن جو دوست ھو. هو ڏوهن جي دنيا کي الوداع ڪري چڪو هو. ان کان پوءِ پوليس آفيسرن جي چوڻ تي ڪم به ڪندو ھو. ايس ايچ او رائونتي سان دوستي هئس، ايس ايچ او رائونتي ايوب ڊوگر کيس دوکي سان پاڻ وٽ گهرائي جعلي مقابلو ڄاڻائي ماري ڇڏيو. هن وڌيڪ چيو ته سندس ڀاءُ جي پوليس آفيسرن سان دوستي ھوندي ھئي. پوليس آفيسر فون ڪري پاڻ وٽ گهرائيندا هئس. آفيسرن جا ڪم به ڪندو ھو. گذريل ڏينهن به ايس اي ايچ او رائونتي ايوب ڊوگر فون ڪري سلطو کي گھرايو ته اچ ڪم آھي، جيڪو بيا ون واري چوڪي تي ساڻس ملڻ ويو ته رستي ۾ ايوب ڊوگر ڀاءُ کي دوکي سان مارائي مقابلي جي دعويٰ ڪئي آهي. هوڏانهن پوليس آفيسرن سان ڏوهارين جي دوستي وارين دعوائن سندن ڪارڪردگي کي مشڪوڪ بڻائي ڇڏيو آهي. هوڏانهن ذريعن کان ڄاڻ  ملي آھي ته سلطو شر کي ايس ايڇ او رائونتي جو پرائيويٽ گن مين ذوالفقار عرف زيڊو شر دوستيء ۾ ڪچي جي پوليس چوڪي بيا ون تي وٺي ويو، جتي پوليس اڳ ۾ تيار ويٺل هئي جنهن سلطو شر ۽  عيسو شر کي گرفتار ڪري بند وٽ گوليون هڻي ماري ڇڏيو.