غوثپور: بازياب ٿيل پوليس اهلڪارن هڪ ٻي ويڊيو سامهون اچي وئي آهي، وڊيو ۾ پوليس اهلڪار بيان ڪري رهيا آهن ته اسان کي مقابلي بعد نه پر ايس ايس پي ڪشمور ڊيل ڪري بازياب ڪرايو آهي، هنن ٻڌايو آهي ته اڳ ۾ به جيڪي ايس ايس پي ڪشمور عرفان سمون پاران مقابلن ۾ ماڻهو ماريا ويا آهن، اهي سڀ ڪوڙا مقابلا آهن، پوليس ناحق ماڻهون کي گرفتار ڪيو، جنهن جي عيوض  اسان کي اغوا ڪيو ويو،جڏهن ته اهڙي ويڊيو سوشل ميڊيا تي پڻ وائرل ٿي وئي آهي.