دادو ( رپورٽر ) ايس ايس پي دادو عرفان علي سمون جي امڪاني بدلي خلاف دادو جا واپاري سراپا احتجاج بڻجي ويا آهن ، گل حسن پنهور ، ممتاز چنو ، عبدالرئوف مستوئي ، عدنان خشڪ ۽ مولابخش زئونر جي اڳواڻي ۾ واپارين ۽ دوڪاندارن پاران اسٽيشن  روڊ کان احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو ڪچهري روڊ تي ڌرڻو هڻي ٽريفڪ بند ڪري ڇڏي ۽ داهيو آهي ته دادو ۾ وڏي عرصي کانپوء امن بحال ٿيو آهي ، جيڪڏهن ايس ايس پي عرفان علي سمون کي دادو مان بدلي ڪرڻ جي صورت ۾ هو ڀرپور احتجاج ڪندا.