ڪشمور (رپورٽر) ڌاڙيلن کي چٿڻ ۽ مغوين جي بازيابي کي يقيني بڻائڻ لاءِ مقرر ڪيل ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ شبير احمد سيٺار 3 مهينن جي ڊگهي موڪل تي روانو ٿي ويو آهي، شبير سيٺار جي موڪل تي وڃڻ بعد ضلعي ڪشمور ڪنڌڪوٽ جي چارج ايس ايس پي شڪارپور عرفان علي سمون حوالي ڪئي وئي آهي، واضح رهي ته گذريل 5 مهينن دوران 5 ايس ايس پي ضلعي ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۾ مقرر ۽ بدلي ٿي چڪا آهن پر ضلعي ۾ امن و امان جي صورتحال بهتر ناهي ٿي سگهي.