دادو : ايس ايس پي دادو عرفان علي سمون جوهي پوليس جي مبينا مقابلي ۾ جبران جي قتل واقعي جي جاچ ايس ايچ او ڪڪڙ نور محمد حوالي ڪندي هڪ هفتي جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. ياد رهي ته دادو ۾ پوليس جا شڪي پوليس مقابلا وڌي ويا آهن، اسسٽنٽ سيشن جج دادو احسان حيدر شاھ جي عدالت 3 مهينا اڳ جوهي ٿاڻي جي پوليس پاران داخل ڪيل مقابلي جي ڪيس ۾ ڏوھ ثابت نه ٿيڻ تي عاشق، محمد نواز ۽ شاهد ڪولاچي کي باعزت بري ڪري ڇڏيو، بري ڪيلن مان عاشق کي هاف فراءِ ڪيو ويو هو.