ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي مان گرفتار ڪيل ايس آر اي جي ٻن ڪارڪنن کان پڇاڳاڇا لاءِ جي آءِ ٽي جوڙڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. ڊي آءِ جي ( سي ٽي ڊي) عمر شاهد حامد آءِ جي سنڌ کي خط لکي سفارش ڪئي آهي ته سي ٽي ڊي سنڌ ريووليوشنري آرمي جي ٻن ڪارڪنن ممتاز سومرو عرف مولائي عرف سھيل عرف ممتو ۽ جاويد مڱريو عرف جاوو کي گرفتار ڪيو ھو، جن وٽان دستي بم هٿ آيا هئا، پڇاڳاڇا دوران دھشتگردن رينجرز تي حملن ۽ اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملي لاءِ بي ايل اي جي دھشتگردن کي ھٿيار فراھم ڪرڻ جو به اعتراف ڪيو، تنهنڪري ضروري آهي ته ٻنهي دھشتگردن کان وڌيڪ پڇاڳاڇا لاءِ جي آءِ ٽي جوڙي وڃي.