نئون ديرو (رپورٽ: نورمحمد سومرو) نئين ديري ڀرسان ڳوٺ راضي پتافي جي رهواسين سان ايران جي گاديءَ واري هنڌ تهران جي قلعي گابري واري علائقي ۾ ڪٽنب سميت  رهائش پذير منير پتافي جي گهر اندر گئس سلينڊر ڌماڪي سان ڦاٽڻ سبب 5 ڀاتي فوت ۽ 4 زخمي ٿي پيا، فوتين ۾ منير پتافيءَ جا ٻه پٽ 19 ورهين جو غلام رضا، 16 ورهين جو محرم علي ۽ حسن رضا جون 3 نياڻيون 6 ورهين جي پٺاڻي خاتون، 3 ورهين جي ام فرواه ۽ کير پياڪ شيرين شامل آهن. جڏهن ته حادثي ۾ 4 ڀاتي سڙي زخمي ٿي پيا آهن جن ۾  3 عورتون ۽ هڪ نوجوان شامل آهن جن کي تهران جي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جتي سندن علاج جاري آهي. واقعي جي اطلاع ملڻ تي ڳوٺ ۾ سوڳ واري لهر ڇائنجي وئي سندن ڳوٺ راضي پتافي ۾ رهائشگاهه تي تڏو وڇايو ويو آهي. فوتي ٻارڙين جو والد حسن رضا پتافي ٻڌايو ته اسان ايران ۾ گذريل 25 ورهين کان رهائش پذير آهيون ۽ اتي گارمينٽ جي فئڪٽرين ۾ پورهيو ڪندا آهيون گذريل رات گهر اندر رکيل گئس جو سلينڊر ڦاٽڻ سبب گهر کي باهه وڪوڙي وئي باهه سبب منهنجون 3 نياڻيون فوت ٿي ويون آهن ۽ منهنجي سالي منير پتافي جا 2 پٽ فوت ٿيا آهن جن جا مڙهه ٻن ڏينهن بعد ايران کان ڳوٺ راضي پتافي آندا ويندا. اسان جي گهرن ۾ ماتم متل آهي ۽ فوتين جا مڙهه ڏيهه آڻڻ ۾ ايران حڪومت اسان سان سهڪار ڪري رهي آهي.