تهران(م ڊ) ايران ۾ 22 سالن جي ڇوڪري کي پوليس پاران مارڻ بعد ڪيترين ئي عورتن احتجاج طور وار ڪوڙائي يا ڪترائي وڊيو ٺاهي وائرل ڪري ڇڏيون آهن، جڏهن ته ڪيترين ئي عورتن پنهنجا حجاب به ساڙي ڇڏيا آهن. مهيسا اميني کي تهران ويندي مناسب نموني حجاب نه پائڻ تي پوليس گرفتار ڪيو هو ۽ تشدد ڪيو جنهن اسپتال ۾ دم ڏنو هو. سندس موت تي سخت عوامي رد عمل سامهون آيو آهي. عورتن اکين ۾ ڳوڙها آڻيندي ۽ خاموشي سان وار ڪوڙايا ۽ اهي تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏيون.