ايران ۾ باهه سبب سڙي فوت ٿيل نئون ديرو واسي 5 ڀاتين جا مڙهه اباڻي ڳوٺ پهچي ويا

0
314

نئون ديرو: ايران ۾ گهر اندر باهه لڳڻ سبب سڙي فوت ٿيل نئون ديرو واسي هڪ ئي ڪٽنب جي 5 ڀاتين جا مڙهه اباڻي ڳوٺ پهچي ويا، 22 ڏينهن کانپوءِ ٻارڙن سميت 5 ڄڻن جا مڙهه ڳوٺ راضي پتافي پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو

 ايران جي راڄڌاني تهران جي علائقي قلعي گابر واري علائقي ۾ گهر اندر گئس جو سلينڊر ڦاٽڻ کانپوءِ باهه لڳي وئي هئي، باهه لڳڻ سبب منير پتافي جا 2 پٽ 19 سالن جو غلام رضا ۽ 16 سالن جو محرم علي سڙي فوت ٿيا

سڙي فوت ٿيلن ۾ حسن رضا جون 3 نياڻيون 6 سالن جي پٺاڻي، 3 سالن جي ام فروا ۽ ٿڃ پياڪ ٻارڙي شيرين به شامل، هڪ ئي ڪٽنب جي 5 ڀاتين جا مڙهه پهچڻ تي سموري علائقي ۾ سوڳ پکڙجي ويو آهي

هي به پڙهندا

ميهڙ ڀرسان پ پ ايم اين اي رميش لال جي پروٽوڪول ۾ شامل پوليس موبائيل ٻن پورهيتن کي چيڀاٽي ماري ڇڏيو