تهران (م ڊ) ايران جي 2 مشهور اداڪارائن کي احتجاجي تحريڪ سان يڪجهتي جو اظهار مهانگو پئجي ويو.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب بينگامه قاضيائي ۽ ڪتايون رياحي نالي اداڪارائن کي عوامي هنڌن تي اسڪارف لاهڻ ۽ چڙ ڏياريندڙ سوشل ميڊيا پوسٽ ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو،. 52 سال فلم اسٽار اڳ ئي عدليا طرفان طلب ڪرڻ جو اشارو ڏنو هو ۽ هن انسٽاگرام تي هڪ وڊيو به اپ لوڊ ڪئي جنهن ۾ کيس بازار ۾ حجاب ٺاهيندي ۽ وار کوليندي ڏسي سگهجي ٿو.
وڊيو جي ڪيپشن ۾ اداڪاره لکيو ته شايد هي منهنجي آخري پوسٽ آهي پر مان اهو به ٻڌائڻ چاهيان ٿي ته مون کي ڪجهه به ٿي وڃي پر آئون هميشه جيان پنهنجي آخري ساهه تائين ايراني عوام سان گڏ هوندس. ان کان اڳ اداڪاره هڪ پوسٽ ۾ ٻارن جو قاتل لکي ايراني حڪومت مٿان 50 کان وڌيڪ ٻارن کي قتل ڪرڻ جو الزام لڳايو هو.