تهران (م ڊ) ايران جي تخت گاهه تهران ۾ آذربائيجان جي سفارتخاني تي حملي ۾ سيڪيورٽي چيف مارجي ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب تهران ۾ سفارتخاني ۾ ڪلاشنڪوف کنيل شخص گهڙي آيو ۽ عملي تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ آذري سفارتخاني جو سيڪيورٽي چيف مارجي ويو ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. رپورٽن موجب حملو ڪندڙ کي سفارتخاني ۾ موجود ماڻهن پڪڙي ورتو، جنهن کي پوءِ ايراني پوليس حوالي ڪيو ويو. ان حوالي سان تهران پوليس چيف حسين رحيمي دعويٰ ڪئي آهي ته جوابدار ٻن ننڍن ٻارن سان گڏ سفارتخاني ۾ داخل ٿيو، ڪارڻ امڪاني طور تي ذاتي مسئلو ٿي سگهي ٿو.هوڏانهن آذربائيجان تهران ۾ سفارتي عملي کي واپس گهرائڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ واقعي کي دهشتگردي قرار ڏيندي جاچ جو مطالبو ڪيو آهي.