ڪابل (م ڊ) افغانستان جي پناهگيرن ۽ وطن واپسي جي وزارت ( ايم او آر آر )  چيو آهي ته گذريل مهيني 50 هزار کان وڌيڪ افغان پناهگيرن کي ايران مان ملڪ نيڪالي ڏني وئي آهي. افغان اختيارين موجب افغان پناهگيرن جي واپسي وارن معاملن جي وقتي وزير  ۽ ايراني سفير بهادر امينيان افغان پناهگيرن جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ايم آو آر آر جي وقت اهلڪار باسط انصاري چيو ته افغانستان مان پناهگيرن وارن معاملن جي وزير ان اجلاس ۾ موجود هو، ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته پاڙيسري ملڪن، خاص طور ايران، افغانستان واپس ايندڙ افغانين لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۾ مدد ڪن. پرڏيهي خابرو اداري موجب پناهگيرن جي حقن جا ڪجهه حامي ايران ۾ افغان مهاجرن جي صورتحال، خاص طور تي سندن ملڪ نيڪالي تي ڳڻتي جو اظهار ڪري رهيا آهن. ڪابل ۾ ايران جي سفير ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته روزاني اندازن 3 هزار افغاني غيرقانوني طور ايران ۾ داخل ٿي رهيا آهن ۽ ايڏي ئي انگ ۾ ويزا ۽ قانوني دستاويز سان ايران جو سفر ڪري رهيا آهن.