راولپنڊي (م ڊ) بلوچستان جي ضلعي پنجگور جي چڪاب سيڪٽر ۾ ايران جي سرحد پار کان دهشتگردن جي حملي ۾ سيڪيورٽي فورسز جا 4 اهلڪار شهيد ٿي ويا. دهشتگردن سيڪيورٽي فورسز جي قافلي کي نشانو بنائڻ جي لاءِ ايران جي سرزمين استعمال ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز جي قافلي کي بارڊر تي گشت دوران نشانو بنايو ويو. ايران کان دهشتگردن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي. ٻئي طرف بلوچستان جي علائقي هوشاب ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا. سيڪيورٽي اختيارين موجب هوشاب ۾ ڪارروائي ڳجهي اطلاع تي ڪئي وئي، جنهن ۾ مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار به هٿ ڪيا ويا. سيڪيورٽي اختيارين وڌيڪ ٻڌايو آهي ته مارجي ويل دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز ۽ شهرين تي حملن ۾ ملوث هئا.