تهران(م ڊ) ايران جي پاسداران انقلاب فوج سمنڊ مان 11 ملين ليٽر تيل کڻي ويندڙ جهاز پڪڙي ورتو آهي. حڪومتي اعلان موجب اهو جهاز ايراني نار مان اسمگل ٿيل تيل کڻي وڃي رهيو هو، جهاز جي عملي کي جاچ لاءِ گرفتار ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف مهسا جي قتل بعد احتجاج تي تشدد ڪرڻ تي جرمني ۽ يورپي يونين پاسداران انقلاب تي پابنديون لڳائڻ ۽ دهشتگرد قرار ڏيڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي. هوڏانهن آمريڪا جي ايران لاءِ خاص ايلچي راب ميلي چيو آهي ته جيڪڏهن ايران سان سفارتڪاري وسيلي 2015ع جي ايٽمي معاهدو بحال ڪرڻ ۾ ناڪام رهياسين ته ضرورت وقت ايران خلاف فوجي آپشن استعمال ڪرڻ تي به غور ڪري رهيا آهيون. صدر جو بائيڊن به اهڙو اعلان ڪري چڪو آهي.