باھو کوسو (ن پ ا)  بلوچستان جي شھر مانجھي پور جو رھواسي پاڪ فوج جو جوان عبدالرشيد ولد قمر الدين کوسو ايران باڊر تي ملڪ دشمنن سان وڙھندي شھيد تي ويو. مڙھ ايمبولنس ذريعي اباڻي شھر مانجھي پور آندو ويو.  شھيد جو مڙھ پھچڻ تي علائقي ۾ ڏک جي لھر ڇائنجي وئي. شھيد جي جنازي نماز اڄ ادا ڪرڻ بعد کيس فوجي عزاز سان اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو.