لاهور (م ڊ) ايراضي ڪيس ۾ گرفتار ليگي ايم اين اي کي جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪليو ويو آهي. اينٽي ڪرپشن اهلڪارن نواز ليگ جي ميمبر قومي اسيمبلي چوڌري اشرف کي لاهور جي جڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ سرڪاري زمين تي قبضي واري ڪيس ۾ پيش ڪيو، اينٽي ڪرپشن اختيارين چوڌري اشرف جو جسماني رمانڊ ختم ٿيڻ بعد کيس پيش ڪيو، جنهن بعد عدالت کيس 14 ڏينهن جي جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو. اينٽي ڪرپشن نواز ليگ جي ايم اين اي چوڌري اشرف کي 27 ڊسمبر تي گرفتار ڪيو هو. چوڌري اشرف 2018ع جي عام چونڊن ۾ پنجاب جي تڪ اين اي 148 ساهيوال 2 تان قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو هو.