ڄام شورو (رپورٽر) سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“ نامياري ليکڪ اياز پاٽولي جي لاڏاڻي تي جاري ڪيل پنهنجي تعزيتي بيان ۾ چيو آهي ته اياز پاٽولي سنڌي ادب جو اثاثو هو، ٻاراڻي ادب لاءِ ڪيل سندس خدمتون نه وسارڻ جهڙيون آهن. مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“ چيو ته اياز پاٽولي سنڌي ادبي بورڊ ۾ بورڊ آف گورنرس جو ميمبر پڻ رهيو. سنڌي ادبي بورڊ لاءِ ڪيل سندس خدمتون نه وسارڻ جوڳيون آهن. الله تعاليٰ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ بلند مقام  عطائي فرمائي ۽ سندس پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي آمين.