واشنگٽن(انٽرسٽنگ نيوز) آمريڪي ايئرپورٽ تي هڪ عجيب ۽ غريب واقعي ۾ مسافر جي بيگ ۾ لڪيل 4 فوٽ ڊگهو نانگ ڪيمرا جي مدد سان پڪڙيو ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪا جي ٽمپا انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي هڪ مسافر عورت بيگ ۾ 4 فوٽ ڊگهي نانگ کي کڻي جهاز ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي. بيگ کي جڏهن اسڪريننگ مان گذاريو ويو ته بيگ ۾ هڪ شڪي شيءِ جي موجودگي جو احساس ٿيو جنهن کي گهڻي احتياط سان ليپ ٽاپ وغيره سان گڏ پيڪ ڪري رکيو ويو هو. عملي عورت مسافر کان بيگ لاءِ چيو، جهڙتيءَ دوران ان مان هڪ نانگ نڪتو. چار فٽ ڊگهي نانگ کي ڏسي مسافر حيران ٿي ويا. عملي نانگ کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو. مسافر عورت ٻڌايو ته اهو نانگ منهنجو پالتو جانور آهي. اهو ها جاءِ تي مان پاڻ سان گڏ کڻي ويندي آهيان، اهو نانگ مونکي جذباتي سهارو ڏيندو آهي. ايئرلائن ڪمپني موقف اختيار ڪيو ته جهاز ۾ جن پالتو جانورن کي آڻڻ جي اجازت آهي انهن ۾ نانگ شامل نه آهي. آمريڪا جي ڪجهه ايئرپورٽس تي نانگ کڻي وڃڻ جي اجازت آهي.