اوڏيرولال (ن پ ا) گورنمينٽ بوائز پرائمري جمع خان مڪراني ۾ استاد مقرر نه ٿيڻ خلاف ڳوٺاڻن مريد بلوچ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته سنڌ جي تعليم کاتي ۾ لڳل ايمرجنسي ۾ گورنمينٽ بوائز پرائمري جمع خان مڪراني جي اسڪول کي به جلد داخل ڪري ان ۾ استاد مقرر ڪيا وڃن جيئن اسڪول ۾ داخل هڪ سو کان مٿي ٻارن جو مستقبل تباهه ٿيڻ کان بچي سگهي.