اوڀر پاڪستان ٽٽڻ فوجي نه پر سياسي غلطي هئي: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا

0
339
اوڀر پاڪستان ٽٽڻ فوجي نه پر سياسي غلطي هئي
اوڀر پاڪستان ٽٽڻ فوجي نه پر سياسي غلطي هئي: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا

جي ايڇ ڪيو ۾ يوم دفاع ۽ شهيدن جي حوالي سان تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن کي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا خطاب ڪيو
پنهنجي خطاب ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو ته هو آرمي چيف طور پنهنجو آخري خطاب ڪري رهيو آهي
آرمي چيف چيو ته 6 سالن تائين هن پاڪ فوج جي ڪمانڊ سنڀالي، جنهن تي کيس فخر آهي، پاڪ فوج جو بنيادي ڪم ملڪ جي جاگرافيائي حدن جي حفاظت ڪرڻ آهي، پر پاڪ فوج هميشه پنهنجي صلاحيت کان مٿانهون ٿي پنهنجي قوم جي خدمت ڪئي آهي، ريڪوڊڪ جو معاملو هجي يا ايف اي ٽي ايف جو نقصان، ملڪ کي وائيٽ لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جو معاملو هجي يا فاٽا جو انضمام، سرحد تي باڙ لڳائڻ يا گئس جي سستي فراهمي جو معاملو هجي، قطر هجي يا دوست ملڪن کان قرض وٺڻ ، ڪورونا سان وڙهڻ هجي يا ماڪڙ جو خاتمو، ٻوڏ دوران امدادي ڪارروايون، فوج هميشه پنهنجي مينڊيٽ کان وڌيڪ قوم جي خدمت ڪئي آهي
جنرل قمر جاويد باجوا وڌيڪ چيو ته فوج پنهنجي بنيادي فرض ۽ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ڪڏهن به غفلت نه ڪندي، توهان کي خبر آهي ته اڄ اسان جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ جيڪو امن آهي ان جي پويان هزارين جانين جون قربانيون آهن، اسان جي شهيدن کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي، ڇاڪاڻ ته جيڪي قومون پنهنجي شهيدن کي وسارينديون آهن، اهي قومون تباهه ٿينديون آهن
آرمي چيف چيو ته اڄ مان هڪ اهڙي موضوع تي به ڳالهائڻ چاهيان ٿو جنهن تي ماڻهو عام طور تي ڳالهائڻ کان پاسو ڪندا آهن ۽ اهو اوڀر پاڪستان جو ٽٽڻ وارو مامرو آهي
هن چيو ته اوڀر پاڪستان فوجي نه پر سياسي ناڪامي هئي، وڙهندڙ سپاهين جو انگ 92 هزار نه پر صرف 34 هزار هو، باقي مختلف سرڪاري کاتن جا هئا
آرمي چيف چيو ته آخر ۾ سياسي صورتحال جي حوالي سان ڪجهه چوڻ چاهيان ٿو، ڪيترن سالن کان سوچيندو رهيو آهيان ته ڀارتي فوج دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ انساني حقن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ آهي پر انهن تنقيد گهٽ ٿئي ٿي، ان جي ابتڙ اسان جي فوج جيڪا قوم جي خدمت ۾ مصروف آهي، ان تي سدائين تنقيد ٿيندي رهي ٿي
هن چيو ته مان سمجهان ٿو ته پاڪ فوج تي تنقيد جو ڪارڻ 70 سالن کان سياست جي مختلف شڪلين ۾ مداخلت آهي، جيڪا غير آئيني آهي، ان ڪري گذريل سال فيبروري ۾ فوج ڪافي غور ويچار کان پوءِ فيصلو ڪيو ته فوج ڪنهن به قسم جي مداخلت نه ڪندي
هن چيو ته اسان جي آئيني عمل کي ڀليڪار ڪرڻ بدران ڪيترن ئي حلقن فوج تي سخت تنقيد ڪئي آهي ۽ انتهائي نامناسب ۽ سخت ٻولي استعمال ڪئي آهي

ھي به پڙھندا

آرمي چيف جي مقرري: وزيراعظم پاران اڄ شام اتحادي پارٽيز جو مشاورتي اجلاس طلب

جي ايڇ ڪيو نئين آرمي چيف ۽ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي مقرري لاءِ سمري اُماڻي ڇڏي

نئون آرمي چيف ڪير ٿيندو؟ وزيراعظم هائوس کي 6 ليفيٽيننٽ جنرلز جي نالن جي سمري وزيراعظم آفيس کي ملي وئي